خليفو محمد صالح بائجوي

خليفو محمد صالح بائجوي: خليفو محمد صالح ڌاريجو، خدا بخش خان ڌاريجي جي گهر 1850ع ڌاري بائجي، تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. خليفي محمد صالح جو ڏاڏو بايزيد، پني عاقل کان ڏکڻ طرف مشهور ماڳ پير احمد سلطان جي ڀر ۾ واقع ڳوٺ پراڻي بائيجيءَ جو رهاڪو هو، جيڪو پوءِ لڏي اچي سلطانپور ۾ ويٺو، جتي سندس تربتپير مشائخ‘ جي نالي سان مشهور آهي ۽ اتي ساليانو ميلو لڳندو آهي.
خليفو محمد صالح پيءُ جو ٻيو نمبر پٽ هو. هن فارسي، عربي ۽ سنڌي تعليم مولوي جمال الدين ڀٽيءَ کان پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ اباڻي ڪرت زمينداري ۾ مصروف ٿي ويو. جوانيءَ ۾ ’ملهه‘ راند جو به شوقين هو. محمد صالح ڌاريجي 1310هه/ 1892ع ڌاري مولانا تاج محمود امروٽيءَ کان بيعت ۽ فيض حاصل ڪيو. مولانا تاج محمود امروٽيءَ سان لاڳاپي سبب کيس خانداني مخالفت کي منهن ڏيڻو ۽ مال ملڪيت کان هٿ ڌوئڻو پيو. بائجي شريف ۾ درگاهه قائم ڪري ذڪر فڪر جاري ڪيائين. خليفي محمد صالح جي خليفن ۾ مخدوم
غلام رسول، مولانا محمد حيات ناڙيءَ وارو، ميان صابل شاهه ۽ فقير ولي محمد شيخ مشهور آهن. مولانا تاج محمود امروٽي هن علائقي جي ماڻهن کي چوندو هو ته: ”هتي جيڪا باهه ٻريل آهي، ان مان خليفي محمد صالح چڻنگ کڻي وڃي بائجي شريف ۾ ٻاري آهي، ان ڪري اوهان اتي ويندا ڪريو ۽ هيڏانهن اچڻ جي تڪليف نه ڪندا ڪريو.“ خليفي صاحب 92 سالن جي عمر ۾ 16 اپريل 1942ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو